SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خودمختيار رياستن جي دولت مشترڪه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


خودمختيار رياستن جي دولت مشترڪه

Common wealth of Independent States CIS

ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس

ڊسمبر 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ هيءَ تنظيم ٺهي، جنهن جو بنيادي مقصد ميمبر ملڪن درميان اقتصادي سهڪار وڌائڻ هو، پر اصل ۾ اِن جي قيام پٺيان سوويت يونين کان آزادي وٺندڙ ملڪن ۾ روس جو اثر برقرار رکڻ به هو. هن تنظيم جا روس، آذربائيجان، آرمينيا، جارجيا، قازقستان، ازبيڪستان، تاجڪستان، ڪرغيزستان، ترڪمانستان، بيلارس، يوڪرائن ۽ مالڊووا ميمبر آهن. روس سان تڪرار کانپوءِ، جارجيا، ان مان نڪري ويو. مٿين ميمبر ملڪن معاهدي ذريعي هڪٻئي جي رياستي حدبندين کي مڃيو ۽ گڏيل وچ ايشيائي منڊيءَ جي قيام لاءِ راضپو ڏيکاريو. ان سان گڏ رياستي ۽ ملڪي عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ، اڳوڻي سوويت يونين جي گڏيل فوجي ڪمان کي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ شهري، سياسي ۽ ثقافتي آزادين کي ممڪن بنائڻ جو انجام ڪيو ويو. تنظيم جو مرڪز، منسڪ (بيلارس جي گاديءَ جو هنڌ) ۾ قائم ڪيو ويو.


Remember Me Also:

ڪرڇٽ

ث. سُڪي زمين ۾ سارين جي ٻِجَ جي ڇٽَ ، ڪوراڙ ، ڪوڙ پوءِ مٿان پاڻي ڏبو آهي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal